اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ڪالهه پاڪستان تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران زخمي ٿيل اسلام آباد پوليس اهلڪار حامد شاهه اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو.پوليس موجب چونگي نمبر 26 تي مظاهرين جي تشدد سبب حميد شاهه سخت زخمي ٿي پيو، جنهن بعد کيس پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو اڄ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.اسلام آباد پوليس موجب مارجي ويل پوليس اهلڪار جي جنازي نماز ڪجهه دير بعد پوليس لائنز ۾ ادا ڪئي ويندي.پوليس موجب شهيد عبدالحميد شاهه 1988ع ۾ اسلام آباد پوليس ۾ شامل ٿيو هو ۽ هو ايبٽ آباد جو رهواسي هو.










