پنجاب ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 109 ڪيس رپورٽ

پنجاب ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 109 ڪيس رپورٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 109 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.پنجاب جي صحت کاتي جي ترجمان موجب هلندڙ سال هن وقت تائين ڊينگي جا 2 هزار 498 ڪيس سامهون آيا آهن.ترجمان ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران راولپنڊي مان 98، لاهور ۽ اٽڪ مان 2 ڊينگي جا ڪيس سامهون آيا آهن.ان کان علاوه گوجرانوالا، سيالڪوٽ، چکوال، ملتان ۽ چنيوٽ مان ڊينگي جو 1 ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو