شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس، اسلام آباد ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو حڪم

شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس، اسلام آباد ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي اجلاس لاءِ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.نوٽيفڪيشن موجب آرٽيڪل 245 تحت ايس سي او سربراهه اجلاس دوران سڪيورٽي جي ذميواري فوج سنڀاليندي ۽ 17 آڪٽوبر تائين اسلام آباد ۾ ايس سي او سربراهه اجلاس دوران فوج کي مقرر ڪيو ويندو.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته فوج 5 آڪٽوبر کان 17 آڪٽوبر تائين مقرر ڪئي ويندي.اسلام آباد جي سڪيورٽي جي ذميواري فوج حوالي ڪئي ويندي ۽ پوليس سميت ٻيا ادارا سندن مدد ڪندا.شنگهائي تعاون تنظيم جو سربراهه اجلاس 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندو، جنهن ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا سربراهه ۽ نمائندا شرڪت ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو