اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان پهچندو.ڀارتي پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ڀارتي پرڏيهي وزير پاڪستان جو دورو ڪندو. ڀارتي پرڏيهي آفيس موجب جي شنڪر پاڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.پاڪستان ۾ سرڪاري ذريعن به جيشنڪر جي پاڪستان اچڻ جي تصديق ڪئي آهي.شنگهائي تعاون تنظيم جو سربراهه اجلاس 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندو.










