ايس سي او اجلاس لاءِ فول پروف سيڪيورٽي جي منظوري

ايس سي او اجلاس لاءِ فول پروف سيڪيورٽي جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ پلان آف ايڪشن جي منظوري ڏني وئي.اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي تيارين بابت اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽريز، چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ آءِ جي اسلام آباد شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر، ڊپٽي ڪمانڊنٽ ايف سي، سيڪٽر ڪمانڊر پاڪستان رينجرز ۽ سيڪيورٽي ادارن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايس سي او سربراهه اجلاس جي سيڪيورٽي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ اجلاس جي موقعي تي فول پروف سڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پلان آف ايڪشن جي منظوري ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو