راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)لياقت باغ ۾ احتجاج ڪرڻ تي وارث خان ٿاڻي ۾ پي ٽي آءِ جي 58 مقامي اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.ڪيس ۾ سيمبيا طاهر، شهريار رياض، اعجاز خان جيزي، راشد حفيظ، اجمل صابر ۽ ناصر محفوظ کي نامزد ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه چوڌري امير افضل، عمر تنوير بٽ، ملڪ فيصل ۽ 150 نامعلوم ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ڪيس ۾ دهشتگردي، قتل جي ڪوشش، ڀڃ ڊاهه ۽ ڪار سرڪار ۾ مداخلت جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن لياقت باغ ۾ رياست مخالف نعرا هنيا، ڪارڪنن هٿيار، لٺيون کنيل هنيون، پوليس اهلڪارن ۽ سرڪاري گاڏين تي پٿراءُ ڪيو.ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته اهلڪارن جي تشدد سبب پوليس اهلڪار منيب عباس، اجمل خان زخمي ٿي پيا، جڏهن ته جوابدارن پاران پٿراءُ ڪرڻ سبب اهلڪارن جي گاڏين کي به نقصان پهتو.ايف آءِ آر ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جوابدار سرڪاري هٿيار کڻي ويا ۽ هوائي فائرنگ ڪري خوف پکيڙيو.










