ليفٽيننٽ جنرل محمد علي دفاع وارو سيڪريٽري مقرر

ليفٽيننٽ جنرل محمد علي دفاع وارو سيڪريٽري مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف ليفٽيننٽ جنرل محمد علي کي دفاعي سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو،اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ليفٽيننٽ جنرل محمد علي جي دفاع واري سيڪريٽري طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته نئون دفاع وارو سيڪريٽري 2 سال 3 مهينن جي مدي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جو اطلاق پهرين آڪٽوبر 2024ع کان ٿيندو.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ليفٽيننٽ جنرل محمد علي 31 ڊسمبر 2026 تائين دفاع وارو سيڪريٽري مقرر ٿيندو

پهنجو تبصرو موڪليو