اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته ترميمن خلاف اسان جي جدوجهد مولانا فضل الرحمان سان گڏ هوندي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته مولانا صاحب تمام هوشيار آهي، اسان جو ساڻس اتحاد جاري رهندو.هن چيو ته ڪجهه ماڻهو انهن ترميمن کي زنده رکڻ لاءِ آڻي رهيا آهن، اهي آئيني نه پر غير آئيني ترميمون آهن.بئريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته اسان ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته عدليه بابت قانون سازي تي موقف رکيو ويندو.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور ڪنهن اداري تي حملو نه ڪيو آهي، نه حملو ڪندو ۽ نه ئي ان لاءِ مناسب آهي، اسان جا سياسي مخالف آهن، هو سياسي مخالفن جي ڳالهه ڪري رهيا هئا.هن وڌيڪ چيو ته سياست ۾ هڪ ٻئي کان معافي نه گهرندا آهن.پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين به چيو ته سياست ۾ ائين ٿيندو آهي، هڪ ٻئي جو رستو نه روڪيو، اڳتي وڌو.










