اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف 28 سيپٽمبر تي راولپنڊي ۾ جلسي لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آهي.پي ٽي آءِ ڊپٽي ڪمشنر کي ريلي جي اجازت لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ 28 سيپٽمبر تي لياقت باغ يا ڀٽا چوڪ تي جلسو ڪرڻ چاهي ٿي.ڊپٽي ڪمشنر آفيس کي پي ٽي آءِ طرفان ريلي جي اجازت جي درخواست ملي وئي آهي.










