پي ٽي آءِ کي لاهور ۾ مايوسي کي منهن ڏيڻو پيو

پي ٽي آءِ کي لاهور ۾ مايوسي کي منهن ڏيڻو پيو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي صوبائي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي لاهور ۾ مايوسي کي منهن ڏيڻو پيو، عوام کين رد ڪري ڇڏيو آهي.پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته شاهدره ترقياتي ڪمن جي حوالي سان محروم رهيو، ڪالهه هڪ فتنه پارٽي جلسو ڪيو، ڪالهه انهن جي انقلاب کي جتيون ڇڏي ڀڄندي ڏٺو ويو، مون هنن کي سمجهايو هو ته پنجاب پوليس کي خبر آهي ته ڪيئن ڪم ڪرڻو آهي.عظميٰ بخاري چيو ته ڪالهه هنن کان جلسي جي لاءِ ماڻهو گڏ نه ٿي سگهيا، غنڊه پور سرڪاري ملازم پاڻ سان گڏ وٺي آيو، لاهور جي روڊن تي ڪنهن به جڳهه تي ڪابه ريلي نه ڏٺي، علي امين گنڊاپور پوءِ فيصلو ڪيو ته منهنجي ڪهڙي ضرورت آهي جلسي ۾ وڃڻ جي، مريم نواز انهي کي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي.صوبائي اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته مريم نواز 100 ارب کان وڌيڪ جو هاري پيڪيج ڏنو، پنجاب، لاهور جي عوام مريم نواز سان گڏ آهي، لاهور ۽ پنجاب اسان جو فخر آهي. هي چئي رهيا هئا ته لائٽون بند ۽ سائونڊ سسٽم بند ٿي ويو هو.عظمٰي بخاري وڌيڪ چيو ته جلسو ته 6 وڳي ختم ڪرڻو هو، پنجاب جي اندر ڪنهن کي بدمعاشي ڪرڻ نه ڏينداسين، ڪالهه مريم نواز پي ٽي آءِ جي بدمعاشن کي لائن لڳائي گهر وڃڻ تي مجبور ڪيو، ڪالهه جنهن به قانون کي ٽوڙيو آهي، انهي کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، ڪنهن کي نه ڇڏينداسين، هي ڪنهن جي ڦڦي جو گهر نه آهي.پنجاب جي اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته اسرائيلي اخبار چيو ته پي ٽي آءِ باني اسرائيل کي مڃڻ جي لاءِ تيار هو، يروشلم پوسٽ چيو ته پي ٽي آءِ باني اسرائيل جو حمايتي آهي، اخبار لکيو ته پي ٽي آءِ باني صرف اسرائيل جي حمايت ۾ بيان ڏيندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو