پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ته لاهور جلسي لاءِ ڀرپور تياري ڪئي پئي وڃي، جيڪو ٿيندو اهو بعد ۾ معلوم ٿيندو.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته جمهوريت لاءِ عوام سان رابطي ۾ رهڻ ضروري آهي.حڪومت جي اصل ٽيم عوام آهي، اسان کي عوام کي رليف ڏيڻو آهي.هن چيو ته آفيسرن جي نگراني پورٽل ذريعي ڪئي ويندي.مان پاڻ مانيٽر ڪندس.جيڪو آفيسر غلط ڪم ڪندو، ان کي سزا ملندي، پوءِ مان چوان ٿو.پاڻ کي سڌارو يا سزا لاءِ تيار ٿي وڃو.علي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ته نوجوانن کي روزگار ڏيڻو آهي، اسپتالن لاءِ فنڊ ڏنا ويا آهن، مسئلا حل ڪرڻ جو واعدو ڪيان ٿو.










