آءِ جي پوليس کي ڇنڊ، گرفتار ايم اين ايز کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

آءِ جي پوليس کي ڇنڊ، گرفتار ايم اين ايز کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق آءِ جي اسلام آباد پوليس کي طلب ڪري ملاقات دوران پارليامينٽ اندران گرفتاريون ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان بنا اجازت ڇو گرفتاريون ڪيون؟ اسپيڪر کيس چيو ته جيڪو به ذميوار آهي ان بابت جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪريو مان ذميوارن خلاف ڀرپور ڪاروائي ڪئي ويندي. اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ لاجز ۽ هائوس اندارن ڪنهن کي به گرفتار نٿو ڪري سگهجي. ايم اين ايز جي توهين برداشت نه ڪندس. ان کان اڳ هن اجلاس جي صدارت دوران پارليامينٽ جي احاطي مان گرفتارين تي ڪارروائي جو اعلان ڪيو هو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پارليامينٽ ميمبرن گذريل رات جي واقعي تي بحث ڪيو، جنهن تي اياز صادق چيو ته گذريل رات پارليامينٽ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو هو ان تي ڪارروائي ڪندو.اياز صادق چيو ته ان تي اسان کي هر صورت ۾ موقف اختيار ڪرڻو پوندو، هن نه رڳو سمورن دروازن پر هر هنڌ جي وڊيوز طلب ڪيون آهن ته جيئن ذميوار ڪير به هجي ان تي ذميواري ڪري سگهجي،.اسپيڪر چيو ته هو پاڻ کي بدقسمت سمجهي ٿو ته 2014ع ۾ هڪ پارٽي ۽ سندس ساٿي پارليامينٽ تي حملو ڪيو ۽ ان ڪرسي تي ويٺو. مان ان لحاظ کان بدقسمت آهيان، اهو پهريون حملو هو، ٻيو حملو مولانا صلاح الدين ايوب جي ڪمري تي حملو هو، اها به اسان جي بدقسمتي هئي.هن وڌيڪ چيو ته سڀاڻي هو جنهن طريقي سان آيو ان تي ڪارروائي ڪندو ۽ ان تي خاموش نه ويهندو. 2014ع ۾ مون پاڻ ڪيس داخل ڪرايو، اڄ به جيڪڏهن ايف آءِ آر داخل ڪرائڻي آهي ته انهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائيندس.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ان تي خاموش نه ويهنداسين، ڊپٽي اسپيڪر، قانون واري وزير علي محمد خان ۽ ٻين سان گڏجي ايڪشن پلان ٺاهينداسين، ان کي سنجيدگي سان وٺنداسين.ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر آءِ جي اسلام آباد، ڊي آءِ جي آپريشنز ۽ ايس ايس پي آپريشنز کي به طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو