اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پاران ڌمڪيون ڏيڻ سٺي ڳالهه ناهي.وڊيو پيغام ۾ طلال چوڌري چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي اهڙي ٻولي استعمال نه ڪرڻ گهرجي ها.هن چيو ته ريلي بابت اسلام آباد انتظاميا کي ڏنل حلف نامي کي نظرانداز ڪيو ويو، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي پيروڪارن اسلام آباد پوليس تي حملو ڪيو.طلال چوڌري جو چوڻ آهي ته ريلي ۾ ملڪي ادارن کي ڌمڪيون ڏنيون ويون، ريلي ۾ رڳو وڏا وڏا ڀڀڪيون هنيون وينديون آهن، گوليون غيرت مند کائيندا آهن ضرورتمند ن،.ن ليگ اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ جا ڌرڻا، جلسا ۽ ڌمڪيون ڪا نئين ڳالهه ناهي، نه اين آر او ۽ نه ئي گناهن جي معافي، 190 ملين پائونڊ ۽ توشه خاني جي رقم واپس ٿيڻ گهرجي.هنن جو چوڻ آهي ته حڪومتون ٺڳيءَ ۽ ڊرامي سان نه هلنديون آهن، پاڪستان ۾ سياسي استحڪام لاءِ سٽنگ انٽري تي قانون سازي ڪندا.










