پرويز سان ملاقات کان پوءِ  شجاعت جون اسلام آباد ۾ اهم ملاقاتون

پرويز سان ملاقات کان پوءِ شجاعت جون اسلام آباد ۾ اهم ملاقاتون

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) چوڌري شجاعت حسين جي گذريل ڏينهن پرويز الاهي سان ملاقات کان پوءِ ملڪ جي گادي واري شهر ۾ اهم ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب مسلم ليگ(ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سياسي گرمي پد گهٽ ڪرڻ جي لاءِ متحرڪ ٿي ويو آهي هن اسلام آباد ۾ سياسي پارٽين جي سربراهن، پارليامينٽ جي ميمبرن، سينئر صحافين سميت حڪومتي شخصيتن سان اهم ملاقاتون ڪيون آهن. ياد رهي ته چوڌري شجاعت حسين جي ڪافي وقت کان پوءِ گذريل ڏينهن لاهور ۾ پرويز الاهي سان ملاقات ٿي هئي جنهن ۾ ٻنهي هڪ ٻئي کي ڏوراپا ڏنا ۽ ذاتي خانداني سطح جي معاملن کي گڏجي طئي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.پرويز الاهي جي ملاقات کان پوءِ چوڌري شجاعت حسين سان وفاقي راڄڌاني ۾ اڳوڻي صدر وسيم سجاد، مشاهد حسين، سيد محمد علي دراني سميت پارليامينٽ ميمبرن ملاقاتون ڪيون آهن. ٻئي پاسي چوڌري شجاعت حسين سينئر صحافي عامر الياس رانا جي والده ۽ محسن بيگ جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ فاتحه خواني به ڪئي.اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري وجاهت حسين، وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، پارٽي ترجمان مصطفيٰ ملڪ به ملاقاتن ۾ موجود هو. ان دوران ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. چوڌري شجاعت حسين چيو ته سياستدان ذاتي مفادن ۽ حسد کي ختم ڪري قومي مفادن کي اوليت ڏين، قومي اڳواڻن کي سياسي ۽ معاشي استحڪام جي لاءِ اڳيان اچڻ گهرجي. پارليامينٽ ميمبرن تي به ذميواري هوندي آهي ته هو مسئلن کان نڪرڻ جي لاءِ قومي ايجنڊا ترتيب ڏين.

پهنجو تبصرو موڪليو