اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ وڌائڻ جو بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو.سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو تعداد 23 تائين وڌائڻ جو بل (ن) ليگ جي ايم اين اي دانيال چوڌري پيش ڪيو، جنهن تي مخالف ڌر جي بئريسٽر گوهر بل جي مخالفت ڪئي.پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته آئين ۾ اهڙي ترميم صرف حڪومت ئي آڻي سگهي ٿي، پرائيويٽ ميمبر ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن جي تعداد ۾ قانون سازي نٿي ٿي سگهي.هن چيو ته پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ سال ۾ 155 ڏينهن ڪم ڪري ٿي، ڀارت ۾ سپريم ڪورٽ 190 ڏينهن ڪم ڪري ٿي، التوا واري ڪيسن کي ختم ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جا ڪم ڏينهن وڌائڻ گهرجن.










