پاڪستاني تاريخ جو هي آخري آءِ ايم ايف پروگرام هجڻ گهرجي

پاڪستاني تاريخ جو هي آخري آءِ ايم ايف پروگرام هجڻ گهرجي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هي پاڪستاني تاريخ جو آخري آءِ ايم ايف پروگرام هجڻ گهرجي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو.ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف جي شرطن تي قدم کنيا پيا وڃن، اسان کي معيشت کي مستحڪم ۽ بهتر ڪرڻو آهي.هن چيو ته سفر ڊگهو آهي، اسان کي تيزيءَ سان هلڻو آهي، الله تي ڀروسو ڪري منزل تي پهچنداسين، اهو ڏکيو سفر آهي، ناممڪن ناهي.شهباز شريف جو چوڻ آهي ته مهانگائي جو بار آهستي آهستي گهٽجي رهيو آهي، سمگلنگ کي ختم ڪرڻو پوندو، اسان جو ملڪ معدني وسيلن سان مالا مال آهي، قومون ڏينهن رات حالتون تبديل ڪري رهيون آهن.وزيراعظم چيو ته روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي، مقصد حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو