اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مان توهان جي مرضي تي هلڻ چاهيان ٿو، منهنجي معافي قبول ڪريو.اليڪشن ڪميشن ۾ فواد چوڌري اهڙو اظهار پنهنجي خلاف اليڪشن ڪميشن جي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪيو.جسٽس نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.اليڪشن ڪميشن آڏو پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته مون آخري ڀيرو لکت ۾ معافي نامو جمع ڪرايو، جيئن توهان ڪيپٽن (ر) صفدر ۽ جاويد لطيف کي نظر انداز ڪيو، اسان سان به ائين ڪريو، اسان کي پنهنجو سمجهو. ڪميشن جي ميمبر فواد چوڌري کي چيو ته پوءِ توهان چئو ٿا ته بيان پارٽي لائن آهي، پارٽي لائن ۾ رهي ادارن خلاف بيان نه ڏيو، توهان چيو ته منهنجي ڳالهه ناهي.توهان چئو ٿا، ڪنهن ٻئي کي پنهنجي بيان جي سزا ڏيو. فواد چوڌري چيو ته مان اڄ به چوان ٿو ته مان ترجمان هيس. ميمبر ڪميشن چيو ته اوهان اسان کي جواب جمع ڪرائڻو هو، اهو جواب جمع ڪرايو پوءِ ڏسنداسين.فواد چوڌري جي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته اسان جا ڪيس سڀاڻي سيشن ڪورٽ ۾ آهن، ڪالهه جي ڪيسن کي ڊي لسٽ ڪيو.ميمبر ڪميشن چيو ته اوهان سڀاڻي ڪيسن ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست جمع ڪرايو. جنهن بعد اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 19 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










