ڪوٽڙي (ن س) ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي جي حد سڪندرآباد ڪالوني جي هڪ گهر مان ٽن ڄڻن زال مڙس ۽ سندن 8 ورهين جي پٽ جا ڳلا ڪپيل لاش هٿ آيا آهن. واقعي جو اطلاع ملڻ تي علائقي واسي ۽ حد جي پوليس پهچي وئي.ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي جي حد سڪندر آباد ڪالوني ۾ هڪ گهر اندر جوابدارن رات دير سان داخل ٿي اگهور ننڊ ستل 35 ورهين جي الطاف غوري, سندس زال امينا ۽ 8 ورهين جي پٽ عادل غوري پٺاڻ کي تيز ڌار اوزار سان ڪُهي قتل ڪري ڇڏيو, واقعي جو اطلاع ملڻ شرط وڏي انگ ۾ علائقي واسي، پوليس، ايڌهي جون گاڏيون پهچي ويون، جن لاش کڻائي بلاول ميڊيڪل اسپتال پهچايا. واقعي بعد علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو, جڏهن ته واقعي بعد پوليس شاهديون گڏ ڪرڻ لاء جاء واردات کي سيل ڪري مختلف هنڌن جا سيمپل ورتا جڏهن ته ڪرائم سين يونٽ کي جاء واردات تان ڪو به تيز ڌار اوزار ملي نه سگهيو,پوليس موجب مقتول ڌر جي ويجهي عزيز عورت نازيه غوري ٻڌايو ته رات دير سان مون کي قتل ٿيل امينا غوري فون ڪري ٻڌايو ته اسان جي گهر ۾ سندس سهرو,سس ۽ هڪ نامعلوم شخص گهر ۾ داخل ٿي آيا آھن جن سندس مڙس ۽ پٽ کي قتل ڪيو آهي هاڻ مون کي مارين ٿا جلدي پهچو ان کان پوء فون تي صرف رڙين جا آواز آيا.مليل ڄاڻ موجب مقتول ڌر اصل حيدرآباد جا رهواسي آھن ڇھن مهينن کان سڪندر آباد ڪالوني ۾ ڪرائي جي گهر ۾ رهندا هئا مقتول عورت امينا غوري لمس ۾ ماسي جو ڪم ڪندي هئي سندس مڙس پورهيت هئو جيڪي گهرو اڻبڻت سبب هتي ڪرائي جو گهر وٺي ترسيل هئا جن کي ڪهي قتل ڪيو ويو آھي،ايس ايس پي ڄامشورو محمد طارق نواز جو چوڻ هئو ته اسان مامري جي جاچ ڪريون پيا ڪجھ ڄاڻ به ملي آھي ڪرائم سين يونٽ شاهديون گڏ ڪري پيو واقعو انتهائي افسوس ناڪ آھي ڪيس داخل ڪري جوبدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.










