اسلام آباد (بيورو رپورٽ) هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) جي چيئرمين منيزي جهانگير چيو آهي ته ملڪ ۾ انساني حقن جي بگڙيل صورتحال تي ڳڻتي آهي، جنهن تي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي،سڀ کان اهم آهي چونڊ منظر نامي جي واضح ڌانڌلي جنهن ۾ هڪ سياسي پارٽي کي منظم طريقي سان ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جو الزام آهي، خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي،ملٽريزم کي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، عوام کي قومي چونڊن کان اڳ آزادي سان پنهنجي مرضي جو اظهار ڪرڻ ڏنو وڃي،نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين منيه جهانگير، نسرين اظهر، فرحت الله بابر، افراسياب خٽڪ چيو آهي ته مذهبي اقليتن خلاف توهين رسالت واري قانون جي وڌندڙ استعمال سبب اهي برادريون پنهنجي جان ۽ مال لاءِ پريشان آهن،بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي ۽ حفاظت ۽ سلامتي جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ ڪمزور افغان پناهگيرن جي وڏي تعداد ۾ نيڪالي ڪيترن ئي عورتن، ٻارن، بزرگن ۽ معذور افغان شهرين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي،خاص ڪري خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي،ملٽريزم کي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، ماڻهن کي گهرجي ته قومي چونڊن کان اڳ پنهنجي مرضي جو اظهار آزاديءَ سان ڪن، بلوچن خلاف تازو ڪريڪ ڊائون، جبري گمشدگي ۽ ماورائے عدالت قتل جي خاتمي جو مطالبو ڪندڙ عورتن تي تشدد رياست تي ڪارو نشان آهي، اهڙي ظالمانه حڪمت عملي جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، ايڇ آر سي پي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندڙ بلوچ عورتن سان يڪجهتي جي اظهار ۾ بيٺو آهي.










