ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي پوليس چيف خادم حسين رند اشارو ڏنو آهي ته نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي،ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته هوائي فائرنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف قتل جي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.ٻئي طرف ٽريفڪ پوليس نئين سال جي آمد تي شرابي ڊرائيورن جي گرفتاري لاءِ برٿ اليزر استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پوليس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ هنن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ شراب ۽ منشيات کي گاڏين ۾ کڻي وڃڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.










