جي ڊي اي اڳواڻن جا جا فارم رد، بلاول ۽ فريال جا فارم منظور

جي ڊي اي اڳواڻن جا جا فارم رد، بلاول ۽ فريال جا فارم منظور

ڪراچي(نمائندن وٽان)بدين جي قومي تڪ اين اي 223 تان جي ڊي اڳواڻن ذوالفقار مرزا، ڊاڪٽر فهميدا مرزا ۽ سندن پٽ حسام مرزا جا نامزدگي فارم رد ٿي ويا، رٽرننگ آفيسر نواز ڪلوڙ ٽنهي اڳواڻن جا نامزدگي فارم رد ڪيا، اي آر او علي حسن نهڙيو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اين اي 223 بدين ٽو تي ڊاڪٽر فهميدا مرزا، ذوالفقار مرزا ۽ سندن پٽ حسام مرزا جا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا آهن، اي آر او علي حسن موجب مرزا فيملي خلاف اسٽيٽ بينڪ پاران پٽيشن داخل ڪرائڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ کين 22 ڪروڙ روپين جو باقيدار قرار ڏنو آهي، اهڙي فيصلي جي بنياد تي آر او مرزا فيملي جي ٽنهي فردن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا آهن..سانگهڙ جي قومي تڪ اين اي 209 تي جي ڊي اي اڳواڻ محمد خان جوڻيجو جا نامزدگي فارم رد ٿي ويو، رٽرننگ آفيسر پ پ جي مقامي اڳواڻ پاران داخل ڪرايل اعتراضن تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، پ پ اڳواڻن پاران داخل ڪرايل اعتراضن ۾ چيو ويو هو ته محمد خان جوڻيجو جعلي ڊگري ڪيس ۾ نااهل ٿيل آهي، تنهن ڪري سندس نامزدگي فارم رد ڪيا وڃن، محمد خان جوڻيجو ڪجهه ڏينهن اڳ پيپلزپارٽي ڇڏي فنڪشنل ليگ ۾ شامل ٿيو هو، محمد خان جوڻيجو سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيري شاهنواز جوڻيجو جو پٽ آهي،محمد خان جي پيپلزپارٽي ۾ شموليت بعد سندس ڀاءُ روشن جوڻيجو پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تان ايم اين اي چونڊيو هو……عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ جي لاءِ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جا لاڙڪاڻي مان نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا،لاڙڪاڻي کان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 194 ۽ اين اي 196 تان بلاول ڀٽو جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پ پ عورت اڳواڻ ۽ آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر جا صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي ايس 10 تان نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن،ان کانسواءِ لاڙڪاڻي جي ئي تڪ اين اي 194 تان جي يو آءِ جي راشد محمود سومرو ۽ 196 تان جي يو آءِ جي ناصر محمود سومرو جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن، جيڪي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان اليڪشن ۾ مقابلو ڪندا،جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽ بئريسٽر ڪاظم علي عباسي جا پي ايس 11 تي نامزدگي فارم منظور ٿي ويا،ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڪنهن سان ذاتي دشمني نه پر اسان صرف عوام جي حقن جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، اسان مقابلو ڪرڻ ڄاڻون ٿا،هن چيو ته 8 فيبروري تي ستاري تي ٽپو پاڪستان جي ڪاميابي آهي، سنڌ ۾ ميرٽ جو قتل عام ٿي رهيو آهي، اڄ جو نوجوان مايوسي جي ڪري خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهي، اقتدار ۾ اچي مظلوم عوام کي سنڌ جي ڪرپٽ ترين مافيا کان نجات ڏيارينداسين

پهنجو تبصرو موڪليو