اين اي 244 تان فاروق ستار جا نامينيشن فارم درست قرار

اين اي 244 تان فاروق ستار جا نامينيشن فارم درست قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ضلعي اولهه جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 244 تان ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جا نامينيشن فارم درست قرار ڏنا ويا آهن. ان حوالي سان جيئن جيئن اليڪشن ويجهو اچي رهي آهي عوام جي دلچسپي وڌي رهي آهي. هن چيو ته هن وقت تائين جمهوريت جا ثمر عام ماڻهو تائين ناهن پهتا. رڪارڊ ٽوڙ بيروزگاري آهي. معاشي بحران ڳڻتي جوڳي صورتحال اختيار ڪري رهيو آهي. فاروق ستار چيو ته اصل مسئلو عوام اهو رکيو آهي ته مستقبل ۾ پاڪستان کي ڪيئن هلائڻو آهي. اسان جي بصيرت کي پي ايم ايل ن سارهايو. اتفاق ڪيو ۽ اهو طئي ڪيو ته جيڪڏهن الله موقعو ڏنو ته آئين ۾ ترميم جو ڪم ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته پي ايم ايل ن سان طئي ٿيو آهي ته گڏجي اڳتي وڌڻو آهي. عوام جي خدمت ڪرڻي آهي. جي ڊي اي مڙني پارٽين سان اسان جا رابطا آهن.ڊاڪٽر فاورق ستار چيو ته ٻيا اسان سان گڏ نه هليا ته اسان لاءِ مستقبل ۾ انهن سان گڏ هلڻ ڏکيو ٿيندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو