حڪومت ڌاٻيجي انڊسٽريل زون جي ڊولپمينٽ شروع ڪري ڇڏي

حڪومت ڌاٻيجي انڊسٽريل زون جي ڊولپمينٽ شروع ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ۽ وفاقي وزير واپار، صنعت ۽ سيڙپڪاري بورڊ گوهر اعجاز خان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ ڪراچي ۾ وڌيڪ صنعتي پارڪ قائم ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته صنعتڪاري ئي معيشت جي ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جو واحد حل آهي ۽ يقينن ان سان ئي خوشحالي ۽ ترقي جا نوان رستا کلندا آهن. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، وفاقي سيڪريٽري ڪامرس صالح فاروقي، وفاقي سيڪريٽري ڪامرس، صنعت ۽ سيڙپڪاري بورڊ سهيل راجپوت ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وفاقي وزير، وڏي وزير کي ٻڌايو ته صنعتي پارڪ لاءِ اسٽيل مل جي 1500 ايڪڙ زمين مختص ڪئي وئي آهي ۽ ان جي ترقي سي پيڪ تحت چيني اختيارين کي ڏني وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت صنعتي يونٽ قائم ڪرڻ لاءِ ان کي چيني اختيارين حوالي ڪرڻ جو پلان تيار ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت ڌاٻيجي انڊسٽريل زون جي ڊولپمينٽ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ اسٽيل ملز ۾ هڪ ٻيو صنعتي پارڪ قائم ڪرڻ هڪ بهترين قدم هوندو. جسٽس باقر چيو ته ملڪ کي صنعتي يونٽن جي ضرورت آهي جيڪي صرف برآمد لاءِ سامان پيدا ڪن. هن چيو ته اسان کي پرڏيهي مٽاسٽا حاصل ڪرڻ لاءِ برآمدات جي ضرورت آهي، ٻي صورت ۾ ملڪ صنعتي ترقي ۾ پوئتي رهجي ويندو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اسٽيل مل ۾ صنعتي پارڪ لڳائي تيار شين کي برآمد ڪرڻ کي هٿي وٺرائڻ کان علاوه سڌي ۽ اڻ سڌي ريت 10 لک کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو