اسلام آباد (بيورو رپورٽ)جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي ٻن صوبن ۾ هن وقت امن امان جي صورتحال مختلف آهي. اهي ٻئي صوبا هن وقت بدامني جي ور چڙهيل آهن.هن چيو ته اسان مسلسل چوندا رهيا آهيون ته اسان کي جتي به اليڪشن ڏني وڃي اتي اليڪشن جو ماحول به ضروري آهي ته جيئن عوام پرامن طريقي سان پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهي ۽ سمورن اميدوارن کي عوام وٽ وڃڻ لاءِ پرامن ماحول ملي سگهي،مولانا فضل الرحمان موجب چيف اليڪشن ڪمشنر پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته ٻنهي صوبن ۾ حالتون ٺيڪ نه آهن ۽ مان دعاڳو آهيان،سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن چيف اليڪشن ڪمشنر کي گهرائي ڪري هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو چيو، سندس چوڻ هو ته اسان ڪيئن مڃي سگهون ٿا ته اليڪشن ڪميشن هڪ آزاد ۽ خودمختار ادارو آهي جڏهن فيصلا جج ئي ڪري رهيا آهن.مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته عشاءِ کانپوءِ عدالت لڳائي چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن کي هر صورت ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، سندس چوڻ هو ته هن چونڊ مهم ۾ جيڪڏهن سندس ڪو به ڪارڪن زخمي ٿيو ته ان جا ذميوار چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان هوندا،سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي نه ڪئي ۽ فيصلو ڏنو آهي ۽ هاڻي اسان لاءِ عدالت وڃڻ بي سود آهي،تحريڪ انصاف جي اميدوارن بابت سوال جي جواب ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪنهن کان نامزدگي ڪاغذ وٺڻ درست ناهي،فاٽا جي انضمام جو تجربو ناڪام نظر اچي رهيو آهي،مولانا فضل الرحمان چيو ته ظاهر آهي فاٽا جي خيبرپختونخواهه ۾ انضمام جو تجربو ناڪام ٿي ويو آهي،سندس چوڻ هو ته فاٽا جي عوام سان ڪيل 10 سيڪڙو واعدن تي به عمل نه ٿي رهيو آهي،مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته فاٽا جو عام ماڻهو اڄ به پريشان آهي ته اسان فاٽا آهيون يا خيبرپختونخواهه آهيون،سندس چوڻ هو ته فاٽا جي زمينن جو رڪارڊ نه ٺاهيو ويو آهي ۽ نه ئي زمينن جي ورڇ جو ڪو نظام آهي،سندس چوڻ هو ته اتي جي ماڻهن جي زندگي ۾ ڪا به بهتري ناهي آئي، هن مطالبو ڪيو ته فاٽا جي عوام کي پنهنجي سياسي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي.










