راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پاڪ فوج عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن کي گهربل سهڪار فراهم ڪندي،پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ ٻن ڏينهن واري 261هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي،فورم فيصلو ڪيو ته پاڪ فوج عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن کي گهربل سهڪار فراهم ڪندي،فورم پاڙيسري ملڪ ۾ دهشتگرد گروپن جي محفوظ پناهگاهن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ پاڙيسري ملڪ مان دهشتگردن جي سرگرمين ۽ جديد هٿيارن جي موجودگي کي پاڪستان جي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏنو،ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته جيڪي دشمن قوتن جي اشارن تي عمل ڪري پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪن ٿا انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي،آءِ ايس پي آر چيو ته فورم فلسطيني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ غزه ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ جنگي ڏوهن جي مذمت ڪئي، جڏهن ته فورم غزه ۾ فوري جنگ بندي ۽ تڪرار جي پرامن حل جي مطالبي جي حڪومتي موقف جي حمايت ڪئي،ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي مسلسل ظلم ۽ ستم تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڀارتي فوج پاران شهرين کي اغوا، تشدد ۽ قتل ڪرڻ وارين ڪاررواين جي مذمت ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج ظلم ۽ ستم جو شڪار آهي،اهي عمل انسانيت خلاف سنگين جرم آهن،ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڀارتي فوج جا ڪارروايون ڪشميرين جي جائز حق خوداراديت جي جذبي کي گهٽائي نه ٿيون سگهن، پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو ۽ ڪشمير مسئلي جي حل جي حمايت جاري رکندو. ڪشمير مسئلو عالمي قانونن موجب حل ڪيو وڃي،فورم کي خطي جي صورتحال، قومي سلامتي کي درپيش چئلينجز ۽ وڌندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملين تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته فورم ۾ سڌي ۽ اڻ سڌي طرح خطرن جي خلاف دفاع، پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حوالي سان پاڪ فوج جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو،آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف آپريشنز دوران پروفيشنلزم کي برقرار رکڻ، ذهني ۽ جسماني شعبن ۾ تربيتي فارميشن ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ تي زور ڏنو،فورم پرڏيهي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي لاءِ جاري ڪوششن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو،ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ اسمگلنگ، مني لانڊرنگ، بجلي چوري ۽ ذخيره اندوزي خلاف آپريشنز جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪ فوج ڏوهن جي روڪٿام لاءِ لاڳاپيل سرڪاري ادارن سان هر ممڪن سهڪار جاري رکندي.










