سيتا روڊ ۾ ناري ڪارنهن الزام تي قتل، نوجوان مرڻينگ، 2 گرفتار

سيتا روڊ ۾ ناري ڪارنهن الزام تي قتل، نوجوان مرڻينگ، 2 گرفتار

سيتا روڊ (ن س)سيتا روڊ ويجهو 7 ٻارن جي ماءُ ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ٿي وئي، مقتول ناريءَ جي گهر مان زخمي حالت ۾ هڪ نوجوان به هٿ ڪيو ويو،قتل ڪيل ناري بينظير قمبراڻي جي امڙ ڌياڻي جو چوڻ آهي ته منهنجي ڌيءَ مون وٽ ترسيل هئي، سندس مڙس پسند علي قمبراڻي ساٿي جوابدارن جي مدد سان گهر ۾ گهڙي لوهي شيخن سان حملو ڪري منهنجي ڌيءَ کي قتل ڪيو، ڌياڻي چيو ته جوابدارن هڪ اڻڄاتل نوجوان کي رسن سان ٻڌي اسان جي گهر ۾ اڇلائي واقعي کي ڪارنهن تڪرار جو رنگ ڏنو آهي، زخمي ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ شهزاد ٻٻر طور ٿي،پوليس زخمي نوجوان کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته ناري کي ڪارنهن جو الزام ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا، نوجوان کي اسپتال منتقل ڪيو آهي،سيتا روڊ ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ ستن ٻارن جي ماءُ جي قتل ۽ نوجوان کي مرڻينگ ڪرڻ واري واقعي ۾ پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو،ايس ايڇ او موجب بينظير قمبراڻي کي سندس ڀاءُ شوڪت ۽ مڙس پسند علي ڪارنهن الزام مڙهي قتل ڪيو آهي، جوابدارن نوجوان شهزاد علي ٻٻر کي ڪارنهن الزام هيٺ مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي،ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو