پي ٽي آءِ جي درخواست رد،نواز شريف جا ڪاغذ منظور

پي ٽي آءِ جي درخواست رد،نواز شريف جا ڪاغذ منظور

مانسهره(ويب ڊيسڪ) ريٽرننگ آفيسر مانسهره مان نواز شريف جي نامزدگي ڪاغذن تي داخل اعتراض رد ڪري ڇڏيا.پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي اين اي 15 مانسهره مان نواز شريف جا نامزدگي ڪاغذ چيلينج ڪري ڇڏيا.اين اي 15 تان نواز شريف جي ڪاغذن تي اعتراض پي ٽي آءِ جي مقامي اڳواڻ شاهد رفيق طرفان ريٽرننگ آفيسر وٽ جمع ڪرايا ويا.درخواستگذار چيو ته سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ نواز شريف کي تاحيات نااهل قرار ڏنو آهي ۽ لاڳاپيل ريٽرننگ آفيسر نواز شريف کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اهل ناهي.رٽرننگ آفيسر هزاره سمي جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراضن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي طرفن جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو.ڪجهه دير کانپوءِ رٽرننگ آفيسر پي ٽي آءِ جا اعتراض رد ڪندي نواز شريف جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا.

پهنجو تبصرو موڪليو