لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نگران سڌ سماءِ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ماحولياتي تباهي سڀ کان وڏو چئلينج آهي. انسانيت مڙني مذهبن جو نصب العين رهي آهي. اهو ئي مقصد تعليم جو آهي. علم حاصل ڪرڻ سان ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انفارميشن ٽيڪنالوجي يونيورسٽي پنجاب جي چوٿين ڪانونشن کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته پاڪستان غير معاملو چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي. پر موسم جي تباهي سڀ کان وڏو چئلينج آهي. چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ تعليم سڀ کان اهم ذريعو آهي. ان چيو ته ڪلائي ميٽ ايمرجنسي اسان روزانو ڏسون ٿا، اسان کي قدرتي ماحول جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. نگران وفاقي وزير چيو ته بدقسمتي سان هن وقت ڪجهه ماڻهو ريٽنگ جي چڪر سوشل ميڊيا تي غلط ۽ڪوڙيون خبرون ڦهلائين ٿا. جنهن جو اسان کي مقابلو ڪرڻو پوندو. ان چيو ته انفارميشن ٽيڪنالوجي يونيورسٽي جهڙيون ريسرچ يونيورسٽيون جنهن بنياد تي قائم ٿيو آهن. جيڪڏهن ان کي برقرار رکيو وڃي ته مشڪلات جو حل نڪري ايندو. وفاقي وزير ان حوالي سان برٽولٽ بريچٽ جي مشهور پلي دي ايڪسيپشن اينڊ دي رول جي پرولاڳ جو به حوالو ڏنو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ملڪ کي تشدد ۽ اڻ سهپ جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻون پئجي رهيو آهي. ناڪاري صحافت کان پاسو ضروري آهي. قومن جي زندگي ۾ چئلينجز ايندا رهن ٿا. نااميد نه ٿيڻ گهرجي، مڙني مذهبن جو به منشور رهيو آهي ته اسان سٺا انسان بڻجون، هن چيو ته تعليم انسانيت ۽ دوستاڻي نموني کي هٿي ڏئي ٿي. هن چيو ته ماحوليات اڄ به وڏو چئلينج آهي. پاڪستان جا اڄ جا جيڪي چئلينجز آهن اهي ته غير معاملو آهن. جڏهن ته ماحولياتي تباهي سڀ کان وڏو چئلينج آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي گورنر بليغ رحمان چيو ته شاگرد پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهن نوجوانن کي ملڪ جي واڌ سنڀالڻي آهي. انفارميشن جي اضافي سان ملڪي ترقي جو اضافو ٿيندو. ڪانووڪيشن ۾ 542 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون ڏنيون ويون. ڪانووڪيشن ۾ 5 شاگردن کي پي ايڇ ڊي ۽ 16 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گولڊ مڊل سان نوازيو ويو.










