ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران حڪومت بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي اڄ سڄي سنڌ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اڄ سنڌ صوبي جا سرڪاري، نجي ادارا، لوڪل ڪائونسل ۽ صوبائي حڪومت جون انتظامي آفيسون بند رهنديون. سنڌ حڪومت عام موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي بينظير ڀٽو جي 16 ورسي جي حوالي سان پروگرام جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جنهن موجب لاڙڪاڻي سميت سڄي ملڪ ۾ 27 ڊسمبر جي صبح فاتحه ۽ قرآن خواني ٿيندي. ملڪ جي مختلف علائقن مان ايندڙ ڪارڪن بينظير ڀٽو جي قبر تي چادرون چاڙهيندا ۽ دعائون گهرندا. ٻنپهرن جو هڪ وڳي عام لنگر ورهايو ويندو. 4 وڳي مرڪزي جلسي جي شروعات ٿيندي. پنجين وڳي بلاول ڀٽو خطاب ڪندو. رات جو 7 وڳي ورسي جي تقريبن جو اختتام ٿيندو.










