ملڪ ۾ امن جي فروغ لاءِ مسيحي برادري جون خدمتون آهن، صدر

ملڪ ۾ امن جي فروغ لاءِ مسيحي برادري جون خدمتون آهن، صدر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صدر عارف علوي چيو آهي ته هو ملڪ ۾ امن ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ مسيحي برادري جي خدمتن جو اعتراف ڪري ٿو.صدر عارف علوي ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته حضرت عيسيٰ عليه السلام جي محبت، شفقت ۽ امن جي تعليم اسان لاءِ مشعل راهه آهي، مسيحي برادري ملڪ جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.صدر چيو ته اسلام اقليتن جي حقن کي مڪمل طور تسليم ڪري ٿو ۽ تحفظ ڏئي ٿو، پاڪستان ۾ اقليتن کي سمورا سياسي، معاشي ۽ سماجي حق حاصل آهن، ملڪ ۾ امن ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ مسيحي برادري جي خدمتن جو اعتراف ڪريون ٿا.ٻئي طرف صدر مملکت پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته هو پاڪستان جي عوام کي باباءِ قوم جي 147هين جنم ڏينهن تي مبارڪباد پيش ڪري ٿو. صدر عارف علوي چيو ته قائداعظم مسلمانن لاءِ الڳ وطن جي نظريي تي پختو يقين رکندو هو، باباءِ قوم جي ويزن، سندس قيادت ۽ دانشمندانه روش هڪ جمهوري ۽ جامع پاڪستان جو بنياد رکيو. چئلينجن کي منهن ڏئي پاڪستان مختلف شعبن ۾ شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو