صادق آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن اميدوارن خلاف صادق آباد ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جي تڪ 174 جي اميدوار نديم عباس چيما ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ 265 جي اميدوار سجاد وڙائچ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ اميدوارن تي جوابدارن کي پناهه ڏيڻ ۽ پوليس تي حملا ڪرڻ جو الزام آهي.










