اسلام آباد (بيورو رپورٽ)گهرو سيڪريٽري آفتاب اڪبر دراني جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ جاري احتجاج جي مظاهرين سان وزيراعظم جي قائم ڪيل ڪميٽي جا ڳالهيون جاري آهن.آفتاب اڪبر دراني پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پرامن احتجاج ڪرڻ هر پاڪستاني جو حق آهي.هن چيو ته وزيراعظم جي هدايتن تي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويو آهي ته احتجاج ڪندڙن کي ڪنهن به قسم جي تشدد يا زيادتي کي منهن نه ڏيڻو پوي.گهرو سيڪريٽري وڌيڪ چيو آهي ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.هن چيو ته عدالتي حڪمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو.










