ملتان (ويب ڊيسڪ)اين اي 150 تان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي جا نامزدگي ڪاغذ به جمع ڪرايا ويا.اين اي 150 تان زين قريشي ۽ مهر بانو قريشي به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. شاهه محمود قريشي، مهر بانو ۽ زين قريشي به ڪالهه اين اي 151 تان ڪاغذ جمع ڪرايا.عام چونڊن 2024ع ۾ حصو وٺڻ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي، سڄي ملڪ مان سياسي پارٽين جا اميدوار ۽ آزاد اميدوار به پنهنجا ڪاغذ جمع ڪرائي رهيا آهن.










