فارم جمع ڪرائڻ جو وقت ختم، سومر کان ڇنڊ ڇاڻ شروع ٿيندي

فارم جمع ڪرائڻ جو وقت ختم، سومر کان ڇنڊ ڇاڻ شروع ٿيندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن 2024 جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو مشڪل مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي.سڀاڻي 25 ڊسمبر کان نامزدگي ڪاغذن جي اسڪروٽني جو عمل شروع ٿيندو جيڪو 31 ڊسمبر تائين جاري رهندو. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف اين اي 130 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. نوازشريف جو ڪورنگ اميدوار بلال ياسين آهي. نوازشريف کي 26 ڊسمبر تي اسڪروٽني لاءِ گهرايو ويو.اين اي 130 تان تحريڪ انصاف جي ڊاڪٽر ياسمين راشد به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. جماعت اسلامي طرفان صوفي خليق ۽ احمد بٽ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. قومي ۽ صوبائي سيٽن لاءِ اميدوارن اڄ به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائين جي تاريخ ۾ واڌ سان رش ختم ٿي وئي هئي.آچر جي موڪل جي باوجود سموري ملڪ ۾ ريٽرننگ، اسسٽنٽ آفيسر ۽ عملو آر او آفيس ۾ حاضر رهيو. ان موقعي تي رٽرننگ ۽ اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسرن جي آفيس ٻاهران سخت سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا هئا…..اين اي 150 تان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي جا نامزدگي ڪاغذ به جمع ڪرايا ويا.اين اي 150 تان زين قريشي ۽ مهر بانو قريشي به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. شاهه محمود قريشي، مهر بانو ۽ زين قريشي به ڪالهه اين اي 151 تان ڪاغذ جمع ڪرايا.عام چونڊن 2024ع ۾ حصو وٺڻ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي، سڄي ملڪ مان سياسي پارٽين جا اميدوار ۽ آزاد اميدوار به پنهنجا ڪاغذ جمع ڪرائي رهيا آهن… ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي به ڪراچي تان اين اي 249 جي سيٽ تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته تڪ بندين تي اعتراضن بابت ٻڌڻي چونڊن کان پوءِ ڪئي ويندي. هن وقت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي ته چونڊ پروگرام تي منفي اثر پوندا. ياد رهي ته هاءِ ڪورٽ تڪ بندين جا 15 ڪيس اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيا آهن. سپريم ڪورٽ جي هدايت آهي ته اليڪشن ڪميشن 30 نومبر جي تڪ بندين تي چونڊون ڪرائي.عام چونڊون 2024 ۾اميدوار جي طور تي حصو وٺڻ لاءِ چوڌري پرويز الاهي، مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو زرداري مختلف تڪن تان پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي ۽ سندس گهر واري قيصره الاهي اين اي 64 ۽ پي پي 32 تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. مونس الاهي تڪ اين اي 64 جڏهن ته سمير الاهي صوبائي تڪ پي پي 32 ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.مولانا فضل الرحمان به اين اي 44 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. مولانا فضل الرحمان اين اي 44 تان چوندن ۾ حصو وٺندو. مولانا سعد محمود اين اي 44 تي مولانا فضل الرحمان جو ڪورنگ اميدوار هوندو. هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ريٽرننگ آفيسر محسن علي شيخ وٽ اين اي 196 قمبر شهدادڪوٽ 1 لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن… ن ليگ جي چيف آرگنائيزر ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز جا پي پي 80 شاهپور تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا. ن ليگ جي اڳوڻي ايم پي اي صهيب برٿ مريم نواز جا ڪاغذ جمع ڪرايا. صهيب برٿ چيو آهي ته ڪارڪنن جي خواهش تي مريم نواز پي پي 80 تان اليڪشن وڙهي رهي آهي. واضح رهي ته مرين نواز لاهور جي تڪ اين اي 119 ۽ اين اي 120 سان گڏ پنجاب اسيمبلي جي 3 تڪن تي به ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. …. ميانوالي مان قومي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ ٻيون ڀيرو جمع ڪرايا ويا آهن. بيرسٽر لاميه نيازي ۽ ايڊووڪيٽ بلال عمر بودله اين اي 89 ميانوالي جي لاءِ عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا.بلال عمر بودله چيو ته حالتون سنگين هجڻ سبب ٻيون ڀيرو عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. هن چيو ته توشه خانه ڪيس جو فيصلو به معطل ٿيندو ۽ پي ٽي آءِ باني به چونڊن ۾ حصو وٺندو. بيٽ جو نشان پي ٽي آءِ کي واپس ملي ويندو. عمران خان کان سواءِ عام چونڊن کي ڪير به نه مڃيندو

پهنجو تبصرو موڪليو