اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جي يو آءِ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. جي يو آءِ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته بلوچ ڌيئرن، ڀينرن، مائرن ۽ ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو، نگران وزيراعظم کي پاڻي ۾ ٻڏي مرڻ گهرجي،بلوچستان مان آيل عورتن تي اسلام آباد پوليس ۽ انتظاميه جبر ڪيو،بلوچن جي چادر جو تقدس پامال ڪيو ويو ۽ نگران وزيراعظم ۽ چيف جسٽس ستل آهن،اسلام آباد انتظاميا جو بلوچ عورتن تي ظلم ۽ تشدد ناقابل برداشت آهي،پرامن مظاهرين تي پوليس جو ظلم افسوسناڪ آهي،هزارين گم ٿيلن جا خاندان ڏک ۾ آهن،گرفتار احتجاج ڪندڙن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي










