ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پوليس رات دير سان پي ٽي آءِ ڪراچي جي صدر خرم شير زمان جي گهر تي ڇاپو هنيو، پي ٽي آءِ ترجمان موجب خرم شير زمان گهر ۾ موجود نه هو.رات دير سان پوليس وڏي نفري سميت پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي جي صدر خرم شير زمان جي گهر پهتي.ترجمان موجب گهر تي 3 پوليس موبائيلن ۾ 2 درجن کان وڌيڪ اهلڪار موجود هئا، ڇاپي وقت خرم شير زمان موجود نه هو.ترجمان جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار سرچ وارنٽ کانسواءِ خرم شيرزمان جي گهر ۾ داخل ٿيا.ٻئي طرف خرم شير زمان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته پوليس چوٿون ڀيرو گهر آئي آهي، هو ستن مهينن کان گهرن کان پري آهي.










