نامزدگي ڪاغذن جي وصولي ۽ جمع ڪرائڻ بابت شڪايتون،اختيارين کي خط

نامزدگي ڪاغذن جي وصولي ۽ جمع ڪرائڻ بابت شڪايتون،اختيارين کي خط

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي وصولي ۽ جمع ڪرائڻ بابت شڪايتن جو نوٽيس ورتو.سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمر حميد چئني صوبائي اليڪشن ڪمشنرن، چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز کي خط موڪلي ڇڏيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي اهم اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪرڻ ۽ جمع ڪرائڻ جون شڪايتون مليون آهن، نامزدگي ڪاغذ ڇنڊڻ جا به ڪيس سامهون آيا آهن. خط ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته قانون تحت ڪارروائي ڪري ڪميشن کي آگاهه ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو