نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 2 ڏينهن جي واڌ

نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 2 ڏينهن جي واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي درخواستن تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 2 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.ايم ڪيو ايم، جي يو آءِ (ف)، مسلم ليگ ن ۽ بلوچستان عوامي پارٽي چونڊن جي تاريخ تبديل ڪرڻ کانسواءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ جي درخواست ڪئي هئي.اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جون درخواستون منظور ڪندي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.ياد رهي ته 8 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي وصولي ۽ جمع ڪرائڻ جي تاريخ 20 کان 22 ڊسمبر تائين اليڪشن ڪميشن مقرر ڪئي هئي، جنهن تي سياسي پارٽين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ وڌائڻ تي اعتراض ڪيو هو. ڪاغذن جي درخواست ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو