اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا غفور حيدري چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان اين اي 265 پشين مان قومي اسيمبلي جو اميدوار هوندو.هڪ بيان ۾ مولانا غفور حيدري چيو ته بلوچستان جي عوام جي اصرار تي مولانا فضل الرحمان پشين مان اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو ڪيو.هن چيو ته بلوچستان جو عوام مولانا فضل الرحمان جو شڪر گذار آهي.سندس اهو به چوڻ آهي ته بلوچستان جو عوام مولانا فضل الرحمان کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪندو.










