اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پ پ جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو آهي ته لڳي ٿو ته اتحادي حڪومت ٺاهي ويندي، وقت ٻڌائيندو ته اها ڪير هوندي، جڏهن باڪس کوليا ويندا ته خبر پوندي ته ڪهڙي پارٽي کي وڌيڪ ووٽ ۽ سيٽون مليون آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، جيڪا ملڪ، جمهوريت، عوام، سمورين سياسي پارٽين جي بهتري آهي.هن چيو ته ايندڙ وزيراعظم ملڪ جي بقا، جمهوريت ۽ عوام لاءِ ڪم ڪندو ته پوءِ کيس ڪير هٿ به نه لڳائي سگهندو.فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين رڳو پي ٽي آءِ جو ڪيس اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، باقي سمورين سياسي پارٽين پنهنجا اميدوار بيهاريا آهن.پيپلزپارٽي جي وڪيل چيو ته هر ماڻهو کي ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو قانوني، آئيني ۽ انفرادي حق حاصل آهي، ان جا ڪهڙا سبب آهن جو هو کوسا صاحب کان پڇن، مان ڪجهه چوڻ نٿو چاهيان.










