پ پ ۾ شموليت جو اعلان، نفرت واري سياست  ڪجهه نه ڏنو:بگٽي

پ پ ۾ شموليت جو اعلان، نفرت واري سياست ڪجهه نه ڏنو:بگٽي

تربت: (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.تفصيل موجب سرفراز بگٽي چيو آهي ته منهنجي لاءِ اها اعزاز جي ڳالهه آهي ته مان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري رهيو آهيان، نفرت ۽ قوم پرستي جي سياست اسان کي ڪجهه نه ڏنو آهي. يقين آهي ته آصف زرداري جي قيادت ۾ هن خطي ۾ امن جو سج ضرور اڀرندو. سرفراز بگٽي چيو ته جهڙي طرح سنڌ ۾ روڊن جو ڄار وڇايو ويو اهڙي طرح اميد آهي ته هتي به ضلعن کي پاڻ ۾ جوڙيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو