آصف زرداري سان ڪي پي جي گورنر غلام علي جي ملاقات

آصف زرداري سان ڪي پي جي گورنر غلام علي جي ملاقات

پشاور(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي صدر آصف زرداري سان خيبرپختونخواهه جي گورنر غلام علي ملاقات ڪئي آهي.ملاقات ۾ پيپلز پارٽي جو وفد ۽ جي يو آءِ (ف) جا اڳواڻ پڻ موجود هئا.ملاقات ۾ صوبي جي سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ٻئي طرف پيپلز پارٽي خيبرپختونخواهه جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ملڪ محمد سعيد جيو نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ هولڊرن گذريل ڏينهن آصف زرداري سان ملاقات ڪئي.ملڪ سعيد جو چوڻ آهي ته آصف زرداري سان ملاقات ۾ چونڊن بابت ڳالهه ٻولهه ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو