سنڌ فوڊ اٿارٽي جون ڪارروايون، بيڪري تي 2 لک رپيا ڏنڊ

سنڌ فوڊ اٿارٽي جون ڪارروايون، بيڪري تي 2 لک رپيا ڏنڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين جي هدايتن تي سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم گلزار هجري ۾ ڪارروائي ڪئي. ٽيم نفيس بيڪرز اينڊ سوئيٽس جو اوچتو معائنو ڪيو. انسپيڪشن دوران بيڪري صفائي جي ناقص حالتن سبب عارضي طور تي بند ڪئي وئي. سنڌ فوڊ اٿارٽي ٽيم موجب بيڪري جي صفائي جي صورتحال بهتر ٿيڻ تائين بند رهندي. سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم نفيس بيڪرز اينڊ سوئيٽس جي انتظاميا تي 2 لک رپيا ڏنڊ به لڳايو. ان کان علاوه سنڌ فوڊ اٿارٽي سکر جي ٽيم پنو عاقل ۾ وڏي ڪارروائي ڪئي. مئل جانورن جي هڏين مان گيهه ۽ تيل ٺاهڻ وارن خلاف آپريشن ڪيو ويو. اها ڪارروائي ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين جي هدايت تي ڪئي وئي، سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم مئل جانورن جي هڏين مان گيهه ۽ تيل تيار ڪرڻ واري فيڪٽري ۾ موجود ڊرمن ۾ صحت جي لاءِ خطرناڪ گيھ ۽ تيل کي پڻ ضايع ڪري ڇڏيو. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين چيو آهي ته مئل جانورن جي هڏين مان تيل ۽ گيهه ٺاهڻ وارن خلاف قانون مطابق بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو