ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته سنڌ انشورنس لميٽيڊ جو قيام هڪ اهم سنگ ميل آهي جنهن جو مشن صوبائي حڪومتن جي جائيدادن، فصلن جي انشورنس ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن کي انشورنس ڪوريج فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته هي قدم اهم آهي ڇوته سنڌ پاڪستان جو پهريون صوبو آهي جنهن پنهنجي انشورنس ڪمپني قائم ڪئي آهي ۽ اها ترقي ٻين صوبن لاءِ هڪ ماڊل جي حيثيت رکي ٿي ته جيئن مالي سيڪيورٽي کي بهتر بڻائي سگهجي. هن اها ڳالهه مقامي هوٽل ۾ ايس اي سي پي پاران منعقد ڪيل انٽرنيشنل انشورنس امپيڪٽ ڪانفرنس (آءِ آءِ سي) جي اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي چيئرمين ايس اي سي پي عاڪف سعيد، ايس اي سي پي جا ڪمشنر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وڏي وزير انتهائي ڪامياب انٽرنيشنل انشورنس امپيڪٽ ڪانفرنس ڪوٺائڻ تي ايس اي سي پي کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اها ڪانفرنس واقعي متاثر ڪندڙ آهي جنهن مختلف شعبن جي ماهرن، انشورنس انڊسٽري جي شخصيتن ۽ عالمي ماهرن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪيو آهي. ۽ وڌيڪ چيو ته تقريب دوران شيئر ڪيل قيمتي گفتگو ۽ پاڪستان ۾ انشورنس انڊسٽري جي مستقبل کي جوڙڻ جي صلاحيت رکي ٿو. وڏي وزير چيو ته انشورنس غير امڪاني حالتن ۾ مالي اثرن سميت امڪاني خطرن بابت خدشن کي گھٽائيندي ۽ ماڻهن کي ٻيهر بحالي جي قابل بڻائيندي. ۽ چيو ته هي انشورنس گاڏين، رهائشگاهن، فلاحي، يا ڪاروبار لاء نه آهي، انشورنس ان ڳالهه جي ضمانت ڏئي ٿي ته ڪنهن به هڪ کي اڪيلو غير امڪاني صورت ۾ مالي رڪاوٽن کي منهن نه ڏيڻو پوي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان ۾ قدرتي آفتون جهڙوڪ تيز برساتون، ٻوڏون، ڏڪار ۽ لينڊ سلائيڊنگ اڪثر ٿين ٿيون جنهن سبب انشورنس جي اهميت وڌي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته تازو ٻوڏ ۾ سنڌ گهڻي متاثر ٿي آهي ۽ سندس نئين سِر آبادي جا مسئلا آهن جهڙوڪ گهر ٺاهڻ، نوڪريون ۽ فصلن جو نقصان (آمدني جو واحد ذريعو) جنهن جي نتيجي ۾ ڊزاسٽر ريسڪ مينيجمينٽ، انشورنس پول، فصلن جي انشورنس، ۽. لازمي انشورنس تي بحث ڪرڻ نه رڳو فائديمند آهي پر انشورنس کي بهتر ڪرڻ لاءِ ضروري آهي. جسٽس باقر چيو ته تعاون ۽ ٽيڪنالاجي جي ضرورت ٻين اهم مسئلن جهڙوڪ تڪافل شعبي جي ترقي ۽ پاڪستان ۾ انشورنس جي دخل کي وڌائڻ لاءِ ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي سماج ۾ اميج بلڊنگ ۽ انشورنس جي حوالي سان ثقافتي ۽ مذهبي عقيدن جي اهميت کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. وڏي وزير چيو ته ايس اي سي پي پنجن سالن جي اسٽريٽجڪ پلان جو اعلان ڪيو آهي جيڪو پاڪستان ۾ انشورنس انڊسٽري لاءِ تاريخي لمحو آهي. هن چيو ته هي پراجيڪٽ ملڪ ۾ انشورنس جي مستقبل جي سمت جو تعين ڪري ٿو جنهن جو مجموعي مقصد هڪ انشورنس شده پاڪستان آهي. ۽ وڌيڪ چيو ته ”انشورڊ پاڪستان ٽريول“ جي موضوع تي زور ڏنو ويو آهي ته هن شعبي لاءِ هڪ اهم ڪاميابي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت خطرن کي گهٽائڻ ۽ اثاثن جي حفاظت ۾ انشورنس جي اهميت کي تسليم ڪيو آهي. سنڌ انشورنس لميٽيڊ جو قيام، صوبائي حڪومت جي جائيدادن تي پهرين انشورنس ڪمپني، هڪ اهم سنگ ميل آهي. ڪمپني جو مشن صوبائي حڪومت جي ملڪيتن، فصلن جي انشورنس ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن لاءِ انشورنس ڪوريج مهيا ڪرڻ آهي. هي قدم اهم آهي ڇوته سنڌ پاڪستان جو پهريون صوبو آهي جنهن پنهنجي انشورنس ڪمپني قائم ڪئي آهي. هي ترقي ٻين صوبن لاءِ هڪ ماڊل طور ڪم ڪري ٿي ته جيئن مالي سيڪيورٽي کي بهتر بڻائي سگهجي. وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت فصلن ۽ لائيواسٽاڪ انشورنس جي دستيابي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ايس اي سي پي ۽ انشورنس انڊسٽري سان گڏجي ڪم ڪري سگهي ٿي ۽ صوبي ۾ آفتن جي خطري جي انشورنس متعارف ڪرائڻ لاءِ پلان تيار ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته حڪومت لاءِ اهو پڻ اهم آهي ته هو ترقي ۽ ڊونرز سان سهڪار ڪري ته جيئن ماحولياتي دوست ماحول پيدا ڪرڻ ۾ رهنمائي ۽ مدد فراهم ڪري ۽ قدرتي آفت جي خطري جي مالي مدد لاءِ حڪمت عمليون جوڙين جيڪي انشورنس کي هڪ اهم ڪم طور ترجيح آهي. ۽ وڌيڪ چيو ته موٽر ٿرڊ پارٽي جي ذميواري انشورنس تي ڪم قابل تعريف آهي. وڏي وزير چيو ته صوبائي سيلز ٽيڪس سبب انشورنس انڊسٽري کي چيلينج کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ تنهنڪري انشورنس پراڊڪٽس وڌيڪ مهانگيون ٿي رهيون آهن جيڪو ڪيترن ئي ماڻهن جي خريداري جي طاقت کان ٻاهر آهي. هن چيو ته اسان ڄاڻايل مسئلي جو حل ڳولڻ ۾ مڪمل تعاون ڪنداسين.










