ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڊيرا اسماعيل خان ۾ حملو ڪندڙ دهشتگرد هارائي ويا آهن، رياست دهشتگردن خلاف جنگ کٽي چُڪي آهي، رڳو اعلان رهيل آهي،اسماعيل خان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته دهشتگرد هڪ حملو ڪندا ته اسان ڏهه وِکون اڳتي وڌنداسين،هن چيو ته دهشتگرد اسان کي ڪڏهن به ڊيڄاري نٿا سگهن، اُهي ڪيترا به ٽڪساٽ گهڙن، پر ڪامياب نه ٿيندا،نگران وزيراعظم ڊيرا اسماعيل خان ۾ چوڪي تي دهشتگرد حملي جي زخمين سان عيادت پڻ ڪئي










