اوٻاوڙو (ن س )اوٻاوڙو ويجهو سنڌ پنجاب دنگ وٽان 2 ڄڻا اغوا ٿي ويا آهن،هٿياربندن ڪوٽ سبزل ۽ سنجرپور جي رهواسي 2 ڄڻن عاصم ۽ واحد بخش کي اغوا ڪيو،هٿياربندن اغوا بعد ٻنهي مغوين جي زنجيرن ۾ ٻڌل حالت ۾ وڊيو به سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏي،پنجاب پوليس جو چوڻ آهي ته ٻئي مغوي ڪرمپور جي علائقي ۾ بجليءَ جا کنڀا هڻڻ لاءِ مزدوري تي ويا هئا، ٻنهي مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن










