اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته هن وقت پي ٽي آءِ وٽ 70 سيڪڙو اڪثريت آهي.اليڪشن ڪميشن ٻاهران علي ظفر سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر گوهر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن بيٽ جو نشان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اها 70 سيڪڙو عوام جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي هوندي.بئريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته 170 پارٽين چونڊون نه ڪرايون جيئن اسان ڪرايون، اليڪشن ڪميشن کي درخواست آهي، هي عوام جي بنيادي حقن جو مسئلو آهي.ان موقعي تي ڳالهائيندي علي ظفر چيو ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، اسان ان تي يقين رکون ٿا، اسان کي ليول پلينگ فيلڊ ناهي ملي رهيو، اسان جي ماڻهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي.علي ظفر جو چوڻ آهي ته هو چاهين ٿا ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميواري پوري ڪري، اهو چوڻ غلط آهي ته اسان کي خبر نه هئي ته اليڪشن ٿيندي، درخواستون رد ٿيڻ گهرجن ها پر اليڪشن ڪميشن نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.هن چيو ته اسان 2019ع جي آئين تحت چونڊون ڪرايون آهن، الزام هنيو پيو وڃي ته اهي بنا مقابلي ڪيئن چونڊيا ويا.اليڪشن ايڪٽ 2017 ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي، اليڪشن ڪميشن جو ڪم اهو آهي ته هو ڏسن ته اليڪشن ٿي آهي يا نه.پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ چيو آهي ته 8 فيبروري جي چونڊن جي تاريخ ۾ ڪا تبديلي نه ايندي، چونڊون 14 ڊسمبر تائين ٿيڻ گهرجن، اهڙو شخص جيڪو پارٽي جو ميمبر نه هجي، ووٽر نه هجي. ان لاءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو ڪو به جواز ناهي.










