ٻارن جي اغوا ۽ پراسرار نموني گم ٿيڻ جي واقعن ۾ واڌ

ٻارن جي اغوا ۽ پراسرار نموني گم ٿيڻ جي واقعن ۾ واڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شهر ۾ ٻارن جي اغوا ۽ پراسرار نموني گم ٿيڻ جي واقعن ۾ خوفناڪ اضافو ٿي ويو آهي.سال 2023 ۾ ٻين ڏوهن وانگر ٻارن جي اغوا ۽ گمشدگي جي واقعن ۾ به اضافو ٿيو ۽ هن وقت تائين 250 کان وڌيڪ ٻارن جو پتو نه پئجي سگهيو آهي.ذريعن موجب هلندڙ سال جي 11 مهينن دوران 1 هزار 255 ٻارڙا گم آهن، گم ٿيل ٻارن مان 950 کان وڌيڪ ٻارڙا مليا، جڏهن ته 250 کان وڌيڪ ٻارن ۽ ڇوڪرين جا والدين کين ڳولي رهيا آهن.فلاحي تنظيم جي سربراهه محمد علي موجب نون ڄاول کان 5 سالن تائين جي 15 ٻارن کي مبينا طور اغوا ڪيو ويو، اغوا ٿيل 6 کان 10 سالن جي ٻارن جو انگ 34 ۽ 11 کان 15 سالن جي عمر جا 108 ٻار آهن. گم ٿيل ٻارن ۾ 200 ڇوڪرا ۽ 50 کان وڌيڪ ڇوڪريون شامل آهن.سيپٽمبر جي مهيني ۾ سڀ کان وڌيڪ 165 ٻار اغوا ۽ گم ڪيا ويا، گم ٿيل ٻارن جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس اوڀر ضلعي مان رپورٽ ٿيا، جنوري 2023 جي پهرين مهيني ۾ 98، فيبروري ۾ 112، مارچ ۾ 85 ٻارڙا گم ٿيا.اپريل ۾ 48، مئي ۾ 91، جون ۾ 132 ۽ جولاءِ ۾ 122، آگسٽ ۾ 164، سيپٽمبر ۾ 165، آڪٽوبر ۾ 130 ۽ نومبر ۾ 100 کان وڌيڪ ٻار گم ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو