شاھ جي مشين (ن س) رسول آباد جي ڳوٺ ٻيڙو گھانگھرو جي رهواسين غلام نبي گھانگھرو پنهنجي پٽ ميان داد گھانگھرو غلام اڪبر گھانگھرو،امامڏنو گھانگھور،رجب گھانگھرو احتجاج ڪندي چيو ته اسان چاليھ سال خريد ڪئي هئي جنهن تي زبردستي قبضو ڪرڻ جي لاءِ سنڌو نواز گھانگھرو،حمزو چانڊيو،ماستر پنجل گھانگھرو،منظور گھانگھرو،وڏيرو شاھ نواز گھانگھرو،عاشق گھانگھرو،قائم گھانگھرو،نظام گھانگھرو ۽ ٻين اسان جي خاندان مٿان ڊگهي عرصي کان ظلم جا پھاڙ ڪيرائي رھيا آھن ڪيترائي ڀيرا گهر ۾ ھٿيارن جي زور تي داخل ٿي مار ڪٽ،ڦر لٽ ڪرڻ سان ستن مهينن جي حمل سان اسان جي نياڻي جو ٻار ضايع ڪري ڇڏيو ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن انهن جي ظلمن کان تنگ اچي اسان پنهنجي زرعي زمين سميت تمام ملڪيت عباس راڄپر کي قطعي طور وڪرو ڪري ڏني آهي راڄپر اسان قديمي پاڙيسري پڻ آهن سنڌو نواز گھانگھرو ۽ حمزو چانڊيو خوني تڪرار ڪرائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن اسان جي خاندان جي زندگين کي خطرو آهي ميان داد گھانگھرو جو چوڻ هو ته بابا سائين جي تازي واقعي کانپوءِ طبيعت اچانڪ خراب ٿي وئي آهي سندس زندگي کي خطرو آهي سندس موت جا ذميوار مٿي ڄاڻايل ماڻهو ھوندا ان موقعي تي سندن وڌيڪ چوڻ هو ته اسان پنهنجي برادري جي معززين سميت آئي جي سنڌ،ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي خيرپور،انساني حقن جي تنظيمن سميت وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جون زندگيون بچائڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻي علائقي جو امن تباھ ڪندڙ ۽ خوني تڪرار جون ڪوششون ڪندڙن جي خلاف قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي










