شهيدن جو اڻپورو مشن پورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون،فريال /بلاول

شهيدن جو اڻپورو مشن پورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون،فريال /بلاول

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو پارٽي جي 56 هين يوم تاسيس جي موقعي تي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي رڳو پارٽي ناهي، هڪ تحريڪ آهي،باني چيئرمين شهيد ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو اڻپورو مشن پورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، قائد عوام شهيد ڀٽو پنهنجي پارٽي جو بنياد سياسي حڪمت عملي ۽ دوررس ويزن تي رکيو،قائد عوام جي ويزن تي عمل ڪري هڪ خوشحال ۽ مضبوط پاڪستان ٺاهڻو آهي،اهڙو پاڪستان جنهن ۾ سڀني وطنن جي حقن ۽ مفادن جو برابر خيال رکيو وڃي،شهيد محترمه بينظير ڀٽو سڄي زندگي آمريت، مرڪزيت پسند سوچ ۽ انتهاپسندي جي مزاحمت ڪئي،شهيد محترمه بينظير ڀٽو عوام جي بنيادي حقن جي تحفظ ۽ خوشحالي لاءِ جدوجهد ڪئي، ڀٽو جا خيال ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو فلسفو ۽ ويزن اسان لاءِ مشعل راهه آهن،چائنا پاڪستان اقتصادي راهداري، ارڙهين ترميم، اين ايف سي ايوارڊ ۽ صدارتي اختيارن جي پارليامينٽ کي منتقلي صدر آصف علي زرداري جو ويزن آهي،بلوچستان رائيٽس انيشيٽو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ پاڪستان کٽي پڻ صدر آصف علي زرداري جي ويزن جي عڪاسي ڪندڙ قدم آهن،صدر آصف علي زرداري جي ان ويزن کي اڳتي وڌائينداسين،جمهوريت جي خاطر جيلن ۽ جلاوطني ڪندڙن کي سلام پيش ڪريان ٿو،جمهوريت لاءِ ڦاسي جي ڦڙي کي چميندڙ ڏوهارين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو،پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي عظيم ڪارڪنن جون قربانيون ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين،والاريل ڪشمير جي عوام سان هڪ ڀيرو ٻيهر يڪجهتي جو اظهار ڪندي سندن حق خوداراديت جي ڀرپور حمايت ڪري رهيا آهيون،پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد ڪشمير مسئلي تي ڪڏهن به نه وسارينداسين،پيپلز پارٽي والاريل وادي جي ڀارتي قبضي کان آزادي تائين ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندي،جمهوريت جي اهميت ۽ اثر ۽ آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي کي جيالا کان وڌيڪ ڪو به سمجهي نٿو سگهي،جمهوريت، آئين ۽ پارلياماني بالادستي کي ناگزير بڻائڻ جي جدوجهد اڃا ختم نه ٿي آهي،وفاقي يونٽن کي ڪالوني وانگر هلائڻ واري مرڪزيت پسند سوچ اڃا تائين 18هين ترميم بدران 17هين ترميم کي بحال ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي،جيستائين جيالا ميدان ۾ بيٺا آهن، تيستائين صوبائي خودمختياري ۽ عوامي خوشحالي جي ايجنڊا تي سمجهوتو نه ٿيندو،اڄ هر شهري لاءِ تجديد جو ڏينهن آهي،اڄ هر شهري کي پاڪستان پيپلز پارٽي کي مضبوط ڪرڻ جو عزم ڪرڻو پوندو،8 فيبروري نفرت، ورهاڱي ۽ استحصال جي پراڻي سياست کي شڪست ڏيڻ لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿي سگهي ٿو،ايندڙ عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪاميابي 22 ڪروڙ عوام جي مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت جي زنجيرن مان آزاديءَ جي ضمانت آهي،اسان جو مورال بلند آهي،ملڪ جا هاري، مزدور، پورهيت طبقو، ننڍو واپاري ۽ روشن خيال عوام اسان سان گڏ آهي،اسان جي فتح يقيني آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جا نوجوان هاڻي پيپلز پارٽي سان گڏ ميدان ۾ بيٺا آهن،پاڪستان پيپلز پارٽي عورت جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر جو پاڪستان پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس جي موقعي تي پيغام ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي 56 سالن جي سفر جو هر ڏينهن ۽ هر لمحو عوام جي بي لوث خدمت ۽ پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ لاءِ بي مثال جدوجهد ۽ لازوال قربانين جي داستان آهي، قائد عوام شهيد ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي شاندار ۽ تاريخي قيادت وارو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ عوام جي حقن لاءِ جانين جو نذرانو ڏيڻ تي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو،مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو کي به سلام پيش ڪريان ٿي،پيپلز پارٽي 56 سالن ۾ اهم سنگ ميل عبور ڪيا آهن،يپلز پارٽي پنهنجي سياسي سفر دوران ٽن آمرن ۽ سندن ڪٺ پتلي حڪمرانن خلاف تاريخي تحريڪ هلائي،پيپلز پارٽي ملڪ ۽ قوم کي 1973 جو متفقه آئين، ايٽمي پروگرام، زرعي ۽ معاشي سڌارا ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي جا تحفا ڏنا،قوم کي 18هين آئيني ترميم ۽ چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور جهڙا ڪيترائي اسٽريٽجڪ تحفا ڏيڻ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو وصف آهي،بلوچستان جي يوم تاسيس جي حوالي سان اڄ (خميس) ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ عظيم الشان جلسو بلوچستان جو تاريخي جلسو هوندو،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ پاڪستان جي اميد آهي،صدر آصف علي زرداري جي سياسي حڪمت عملي ۽ دور انديشي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو جذبو ۽ عزم ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ ۽ روشن مستقبل لاءِ پروفيشنل خيمو ثابت ٿيندو،سڄي دنيا ۾ رهندڙ جيالن کي پارٽي جي يوم تاسيس جون واڌايون،دنيا ۾ ڪٿي به هجو، پنهنجي ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ جي جدوجهد ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جا هٿ مضبوط ڪريو،ڀارت کان ڪشمير جي آزادي پاڪستان پيپلز پارٽي جي منشور جو حصو آهي،پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ هر ڪو ڪشميري عوام جي حق خوداراديت جي جدوجهد ۾ گڏ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو